ٺٽي جي تاريخي مسجد ۽ مغليه اڏاوتن تي ھڪ نظر

0
39
ٺٽي جي تاريخي مسجد ۽ مغليه اڏاوتن تي ھڪ نظر

  مغل بادشاهه بابِر جيئن ئي1526ع ۾ ھندستان کي فتح ڪيو ته ان وقت ھن کي نئين ملڪ ۾ جاين ٺاھڻ جو شوق جاڳيو. توڙي جو ڪافي ھن جا ماڻھو ھي ملڪ فتح ڪري پوءِ به مايوسي جو شڪار ھئا. ان جو وڏو سبب ھي ھو جو برصغير خاص ڪري پنجاب ۽ انڊيا جا اھي علائقا جن کي پھرين فتح ڪيو ويو، سي اونھاري ۾ ڏاڍا گرم رھندا ھئا پر ان ھوندي به بابر ھتي ھميشه لاءِ رھڻ جو قطعي فيصلو ڪري ڇڏيو ھو. ھن ستت قسطنطنيا جي ترڪ ڪاريگرن کي گھرائي نوڪري ڏني ۽ تعميراتي ڪم شروع ڪرايو. ان وقت بابري دور جون ٻه عمارتون، ھڪ پاني پٽ ۾ سمڀال مسجد آھي، ٻي بابري مسجد جيڪا ايوڌيا ۾ ھن جي نالي سان مشھور آھي. بابر جي مرڻ کان پوءِ ھمايون آيو، پر ھن جي نالائق ڀائرن جي ڪري شير شاھ سوري ھن کي ستت ڀڄائي ڪڍيو. سوري به بابر جو شاگرد ھو ھن به ڪابل کان وٺي بنگال تائين جو رستو، جيڪو اڄ جي ٽي روڊ نالي سان مشھورآھي، سو ٺھرايو ۽ پراڻا قلعا مسجد اتر پرديش ۾ ۽ ساسارم ۾ سندس مقبرو اڄ موجودآھن. اھي ھن ٺھرايا، شيرشاھ جي مرڻ کان پوءِ سندس پوئنيرن جو حال به اھو ساڳيو ھو، جيئن ھميايون جي ڀائرن جو ھو. ان ڪري ھمايون ايراني بادشاھ ۽ بلوچ سردارن جي مدد سان 15 سالن بعد حملو ڪري انڊيا کي وري حاصل ڪيو. ھمايون دھلي ۾ پناھ پيلس، فتح آباد ۾ مسجد ٺھرائي ۽ اڪبر پنھنجي دور ۾ ھن فتح پور سيڪري ۾ ڳاڙھن پٿرن جي محلات تعمير ڪرائڻ کان علاوہ سندس مرشد سالم چشتي جي مزار، جوڌاٻائي جي لاءِ محل، ترڪ محل، خوابگاھ، سندس مقبرو ۽ ڪجھه ٻيا ٺھرايا ھئا، جيڪي جايون اڄ به موجود آھن. جڏھن ته جھانگير بھاول نگر ۾ ديوان عام ديوان خاص جھانگير محل، آگرا جو قلعوٺھرايو، لاھور ۾ راوي ڪپ تي گھر واري نورجھان جي مزار جي اڏاوت ڪرائي. جڏھن ته لاھور قلعي جي ھڪ حصي کي اڪبر 1566۾ تعمير ڪرايو، ليڪن جھانگير، شاهجهان، اورنگزيب پنھنجي پنھنجي دور ۾ ان ۾ واڌارو ڪيو، جيڪو اڄ انھي صورت ۾ آھي. ان سڀني کان وڌيڪ شاندار نموني تعميرات شاهجهان پنھنجي زال اجمد بانو المعروف تاج محل جي نالي تي آگرا ۾ تاج محل ٺھرائي ڪيو، جيڪو ان وقت جي ٽي ڪروڙ شاھجھاني سڪن جي لاڳت سان 22 سالن جي عرصي ۾ مڪمل ٿيو. تاج محل دنيا جي خوبصورت محلن ۾ شمار ٿئي ٿو، ان کان سواءِ ھن آگرا جي شاھي مسجد، دھلي جي قلعي واري مسجد، مور محل جيڪو ان وقت جي ھڪ ڪروڙ ۾ ٺھي راس ٿيو ، لاھور شالامار باغ ۽ شيش محل، ۽ ٺٽي جي سو قبن واري مسجد ٽن سالن جي عرصي ۾ 9 لکن ۾تعمير ڪرائي. مٿيون سڀ تعميراتون اڄ به موجود آھن.

شاهجهان جي مرڻ کان پوءِ تعميراتي ڪم ۾ الاھي گھٽتائي آئي. جڏھن ته لاھور جي بادشاھي مسجد کي اورنگزيب 1674ع ۾ 3 سالن ۾ مڪمل ڪيو ۽ ھن ھڪ ٻي مسجد دھلي ۾ به ٺھرائي. ڏٺو وڃي ته مغلن پوري برصغير ۾ ھڪ وڏو عرصو حڪومت ڪئي. ھنن جو دور تعميراتي ڪم کان علاوہ آرٽ پينٽنگ جو ڪم راڳ محفلون عروج تي ھيون. مغل بابر کان وٺي شاھ ظفر عالم تائين راڳ جا شوقين ھئا. شاعري ڪندا ھئا، ڪافي درباري راڳي نوڪري تي رکي ڇڏيا ھئائون، جن کي پگھارون ۽ وظيفا ڏنا ويندا ھئا. پر اورنگزيب راڳ محفلون ختم ڪري راڳين جا وظيفا بند ڪري ڇڏيا پر ھن پنھنجي دور ۾ مغلن جي مضبوط فوج ٺاھي. ھو شاعري ۽ راڳ کي پسند ڪونه ڪندو ھو. ھن جي طبيعت سڀني ڀائرن کان مختلف ھئي. ھن پي شاھجان جي دور ۾ ڪيترن جنگين ۾ پاڻ سپھه سالاري ڪئي. ھو ھڪ وڏو بھادر شھسوار ۽ جنگي گر ڄاڻندڙ سپھ سالار ھو، ھن مختلف وقتن تي ڪيترين ئي بغاوتن کي ڪچلي مغل حڪومت کي مضبوط ڪيو. پر وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ دارا شڪوہ ھن جي ڪيترين بغاوتي ڌڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ کٽيل جنگن کي پيءُ کي چئي صلح ڪرائيندو رھيو. اھا ڳالھه دارا جي اورنگزيب کي پسند ڪانه ايندي ھئي، پر دارا به دارالحڪومت ۾ رھندي ھر وقت اورنگزيب جي خلاف پيءُ کي ڀڙڪائيندو رھندو ھو. شاهجهان ھن جي ڳالھه تي لڳي اورنگزيب کي ڪڏھن انڊيا جي ھڪڙي حصي ۾ ته ڪڏھن ٻئي ۾ يا ڪڏھن قنڌار وري ڪڏھن ڪٿي رکندو رھيو. اورنگ زيب دارا جي سازشن کان تنگ ٿي بيمار پيءُ کي چيو:آءٌ حڪومتي مسئلن کان الڳ ٿي وڃان ٿو مون کي ڇڏيو. دارا چاھيو ٿئي اورنگزيب ھٽي وڃي، پر شاهجهان ائين ڪرڻ کان ھن کي منع ڪئي. جڏھن شاهجهان سخت بيمار ٿي ويو دارا اھا ڳالھه مخفي رکي دارالحڪومت جا سڀ رستا بند ڪرائي، اندرئي اندر پاڻ کي بادشاھ چونڊرائي حڪم ھلائڻ شروع ڪيا. وري ھن ٻيا جا ڀائر گورنر مقرر ھئا انھن پنھنجي پنھنجي حڪومت جي دعويٰ ڪري مغليا سلنطنت کي ورھائڻ جي ڪوشش ڪئي. انھن سڀني کي اورنگزيب شڪست ڏئي بادشاھ ٿي ويو. اورنگزيب پنھنجي دور ۾ فرانسين، پورچوگيزن، انگريزن کي مڪمل طور پوئتي ڌڪيو ھو.

بھرحال ھاڻ اچون ٿا ٺٽي تاريخي مسجد ڏي. ھي ٺٽي جي تاريخي شاهجهان مسجد هن وقت لاڳاپيل کاتي جي لاپرواهي سبب تيزي سان پنهنجو عروج ۽ سونهن وڃائي تباھي طرف وڃي رهي آهي. جنهن  ڪري مسجد جي اهڙي حالت ڏسي، هتان جي سماجي حلقن ۽ عام ماڻهن ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي ۽ اهو خدشو ظاهر ٿي پيو آهي ته جيڪڏهن مسجد جي بحاليءَ جو ڪم فوري طور تي نه ڪرايو ويو ته هي مسجد تاريخ جي حصي مان پنهنجي سونهن سڀاءَ سميت مٽجي ماضيءَ جو خواب بڻجي ويندي. تيموري طرز تي ٺهيل هيءَ ٺٽي جي هڪ سؤ قبن واري شاهي مسجد جيتوڻيڪ مغل بادشاھ شاهجهان جوڙائي هئي پر مغلن پاران اڏيل لاهور، دهلي ۽ آگري وارين مسجدن کان بلڪل مختلف آهي. ڇو ته هن مسجد کي پاسن کان ڪي به منارا نه آهن تنهن ڪري هن مسجد کي ڏسڻ سان سمرقند ۽ بخارا جي مسجدن جي شبيھه ملندي آهي. مسجد جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي واري هيءَ مسجد 1644ع کان 1647ع تائين ٽن سالن جي عرصي ۾ 9- لک شاهجهاني سڪن ۾ جوڙي تيار ڪئي وئي هئي. جڏهن ته 1657ع ۾ هن مسجد جي فرشبندي به ڪئي وئي هئي. ان کان پوءِ مغل بادشاھ اورنگزيب جي دؤر ۾ 1692ع ۾ هن مسجد جي پهريون ڀيرو مرمت ڪرائي وئي هئي. ٻيو دفعو 1812ع ۾ مير مراد علي خان ٽالپر به هن مسجد جي مرمت جو ڪم ڪرايو. 1843ع ۾ سنڌ تي ميرن جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي. انگريزن جي دؤر ۾ مسجد جي ٻه ڀيرا 1855ع ۽ 1894ع ۾ مرمت ڪرائي وئي. جنهن کان پوءِ مسلسل 76- سال هن مسجد جي ڪابه مرمت نه ٿي سگهي جنهن جي نتيجي ۾ هن مسجد جي چؤطرف ديوين جا وڏا جهنگ پيدا ٿي ويا ھئا ۽ مسجد جي فرش ۽ اندريان ٻاهريان سرون ڀري ختم ٿي ويون هيون. 1971ع ۾ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هن مسجد جي اهڙي ته مرمت ڪرائي جو هي مسجد هڪ دفعو بلڪل اڳ جهڙي نئين ٿي وئي. هڪ خوبصورت پارڪ قائم ڪيو ويو. چؤطرف هڪ ڪمپاؤنڊ وال ٺهرائي وئي. هاڻ وري جڏهن مسجد کي ويجهي کان وڃي ڏسبو ته مسجد جون ٻاهريون سرون ۽ ٽائل بلڪل هنڌان هنڌان ڀري ختم ٿي ويا آهن. پارڪ جي ڪجھ حصن جي ڇٻر ۽ ٻوٽا پاڻي نه ملڻ سبب سڪي ويا آهن. پارڪ ۾ لڳل ڦوهارا به ناڪاره ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ڪالھ جنهن پارڪ مان گلن جي خوشبوءِ ايندي هئي اتي اڄ رڳو گٽڪي جون اڇلايل ٿيلهيون نظر اچن ٿيون ۽ پيچرن تي پان گٽڪي جي پچڪارين سبب رستا ڳاڙها نظر پيا اچن. ڪجھه عرصو اڳ مسجد جي فرش کي مرمت بهاني اکاڙي غير معياري ۽ ڪچو پٿر هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان تي شهرين احتجاج ڪري اهو ڪم روڪرائي ڇڏيو تنهن کان پوءِ ارھ زور انتظاميه وري به اهو غير معياري پٿر مسجد جي ٻاهرين پاسي جي رستن ۽ پيچرن تي هڻي ڇڏيو آهي جيڪو بلڪل ڀري ويو آھي. اھو هن تاريخي مسجد جي مرمت بهاني مذاق آهي. مسجد جي ديوارن جون سرون ڳري ختم ٿي ويون آھن. ڪجھه وقت اڳ مسجد جي سم کي ختم ڪرڻ لاءِ بورنگ ڪري سولر پمپ ذريعي پاڻي ڪڍڻ جو انتظام ڪيو ويو ھو جيڪو ھن وقت ناڪارہ ٿي پيو آھي. ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي مسجد جو بنياد ھيٺ دٻجڻ شروع ٿي ويو آھي. اتي بجاءِ مرمت ڪرڻ جي مسجد جي ڪجھه حصن کي بانس جي ڪاٺين جا ڏڪ ڏيئي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آھي. ضرورت هن ڳالھه جي آهي ته آثار قديمه کاتي کي گھرجي ته فوري طور تي هن مسجد جي مرمت ڪري هن کي اصلي حالت ۾ آڻي ۽ پارڪ جي وڻ ٻوٽن ۽ ڇٻر کي پاڻي ڏيڻ جو مناسب انتظام ڪري. ائين نه ٿئي جو هي تاريخي مسجد مڪلي جي تاريخي ماڳن وانگر ميسارجي وڃي.