ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي صحافي جي ڌيءَ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري پوسٽل گروپ ۾ تربيت وٺڻ بعد ڪراچي ويسٽ ۾ 17 ھين گريڊ جي پوسٽ ڊويزنل پوسٽل سپرٽينڊنٽ (ڊي پي ايس) جي چارج سنڀالي ورتي آھي، ان ڏس ۾ ٺٽي جي سينيئر صحافي ڊاڪٽر شاھد صديقي جي نياڻي اريجه بتول ٺٽي جي پھرين عورت طور سي ايس ايس امتحان پاس ڪري مواصلات جي پوسٽل گروپ ۾ تربيت حاصل ڪرڻ بعد ڪراچي ويسٽ ۾ پوسٽل کاتي جي 17 ھين گريڊ جي اھم پوسٽ ڊويزنل پوسٽل سپريٽنڊنٽ جي چارج سنڀالي ورتي آھي، سندس حد ۾ ڪراچي ويسٽ جي علائقن جون 60 پوسٽ آفيسون ۽ ريلوي ڪارگو توڙي ٻيون ڪارگوز اچن ٿيون، ڪميش پاس ڪري پوسٽل گروپ ۾ نوڪري حاصل ڪندڙ اريجه بتول پنھنجي ٽن ڀينرن ۾ سڀ کان وڏي آھي، ھن پرائمري ۽ سيڪنڊري توڙي ھائير سيڪينڊري تعليم ٺٽي، گلشن حديد ملير ۽ ڪراچي جي اسڪولن مان حاصل ڪرڻ بعد سي ايس ايس ڪميشن جو امتحان ڏنو، اريجه بتول سي ايس ايس پاس ڪرڻ بعد پوسٽل گروپ ۾ ٽريننگ ڪرڻ بعد ٺٽي جي پھرين سي ايس ايس پاس عورت ۽ پوسٽل کاتي ۾ 17 ھين گريڊ جي نوڪري حاصل ڪرڻ جو پڻ اعزاز ماڻي ورتو آھي، جنھن کي سندس ڪاميابي تي ٺٽي پريس ڪلب جي صحافين پاران آجياڻو ڏنو ويو، جڏھن ته آجياڻي واري تقريب ۾ پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، نائب صدر اسماعيل ميمڻ، سينيئر صحافي ڊاڪٽر شاھد صديقي، جنرل سيڪريٽري عبدالوھاب شيخ، منصور جلالاڻي، رحمت الله ڇٽو، خدا بخش بروھي، حاجن سولنگي، يوسف دايو، عبدالعزيز جوڳي، اشرف چنڊ ۽ ٻين اريجه بتول صديقي کي لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، ان موقعي تي سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري آفيسر بڻجندڙ اريجه بتول صديقي چيو ته سندس لاءِ اھا ڏاڍي فخر جھڙي ڳالھه آھي ته ھن جو تعلق ٺٽي ضلعي سان آھي ۽ پريس ڪلب ٺٽو مان کيس تمام گھڻو ڪجھه سکڻ لاءِ مليو آھي، ھن چيوته سنڌي ماڻھن کي پنھنجي نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارڻ گھرجي، تعليم سان ئي اسان جو معاشرو ترقي ڪري سگھي ٿو، عورتن جو معاشري ۾ تمام گھڻو ڪردار آھي، جنھن کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻو آھي، ھن چيو ته اڄ جي ھڪ عام نياڻي سڀاڻي جي بينظير ۽ مڌر ٽريسا ثابت ٿي سگھي ٿي، ھاڻ اھو دور ويو، جڏھن نياڻين کي تعليم کان روڪيو ويندو ھو، ھي جديد دور آھي، نياڻيون ڪنھن به شعبي ۾ ڪنھن کان گھٽ نه آھن، جنھن ڪري تعليم ذريعي جھالت کي ختم ڪري ھڪ خوبصورت ۽ صحتمند معاشرو قائم ڪري سگھجي ٿو.