سجاول(رپورٽر) ملھه پھلوان اياز شاھه بخاري جو بدين مان آزادي بعد سجاول پھچڻ تي قومپرست ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران استقبال ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڪجھه مھينا اڳ مختلف ڪيسن ۾ بدين جيل مان قيد ڪاٽڻ بعد گذريل ڏينھن بدين جيل مان ضمانت تي آزادي ماڻي ٺٽي واپسي ويندي سجاول مان گذرڻ دوران ملھه پھلوان سيد اياز شاھه بخاري جو سجاول ۾ پبلڪ پارڪ اڳيان جيئي سند محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد نواز شاھه ڀاڏائي، شاھين يوٿ ڪائونسل جي مرڪزي چيئرمين حنيف ميمڻ، جسقم سجاول جي اڳواڻ محمد خان پٺاڻ، ايس ٽي پي سجاول جي اڳواڻن گل حسن رند ۽ دادا سنڌي سميت وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪنن ۽ شھرين کيس بوسڪي جو پٽڪوڪ ٻڌي ۽ اجرڪون اوڍي استقبال ڪيو، ان موقعي تي اياز شاھه بخاري چيو ته ھميشه حق سچ جي ڳالھه ڪريو، ڪير به توھان کي ڪجھه نٿو ڪري سگھي، مون اليڪشن ۾ ظالم وڏيرن سان مھاڏو اٽڪايو ته انھن مون کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ٽي مھينا جيل اماڻيو پر جيڪڏهن آئون حق سچ جي راھه ۾ ٽي سال به جيل ڪاٽيا ھان ته مون کي پريشاني نه ھئي، ھن چيو ته آئون سياسي انتقامي ڪارروائين جو شڪار ٿيس ته مون کي سنڌ جي ماڻھن وڏي محبت ڏني آھي، جنھن کي آئون وساري نٿو سگھان، ان موقعي تي نواز شاھه ڀاڏائي، حنيف ميمڻ ۽ محمد خان پٺاڻ چيو ته سيد اياز شاھه ظالم وڏيرن جي ظلم جو شڪار ٿي جيل جون سختيون سھڻ بعد به حق سچ جي راھه تي ھلڻ جو وچن ڪيو آھي ۽ اسان به ساڻس وچن ڪريون ٿا به اسان اياز شاھه سان ھر وقت گڏ هونداسين.