ٺٽو (رپورٽر) سنڌ حڪومت اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي کاتي طرفان تعلقي گھوڙاباري، ڪيٽي بندر ۽ ميرپور ساڪرو جي 116 ميرٽ جي بنيادن تي ڀرتي ٿيل JST (جي ايس ٽي)  استادن کي 24 ڏينھن جي ٽريننگ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي ريسورس سينٽر مڪلي ٺٽو ۾ ڪرائي آخري ڏينھن تي اختتامي تقريب ساڳئي سينٽر مڪلي ۾ منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ استادن، ماسٽر ٽرينرز سميت تعليم کاتي جي عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي تعليم کاتي جي عملدارن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڊيٽڪ ٺٽو سيد فداحسين شاھ، محمد شفيق آرائين، نصير احمد ميمڻ، حاجي محمد الرحيم سومرو، ممتاز علي ٻجورو، محمد بخش بھراڻي، محمد حسن سومرو، محمد الرحيم سومرو، شيراز احمد سومرو، بشارت الياس جوکيو، عائشه جاکرو، صائمه عقيلي، گسٽا اڳواڻ خميسو خان شورو، شاھنواز جت، طالب حسين ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته استادن جو پيغمبري پيشو آھي، جنھن پيشي سان واڳيل استاد شاگردن کي تعليم ڏياري سندن مستقبل سنوارين ٿا، ھنن چيو ته ھتي ٽريننگ ڪندڙ سمورا استاد ميرٽ جي بنيادن تي ڪامياب ٿي آيا آھن، انھن کي گھرجي ته ھو پنھنجون ذميواريون ايمانداري سان ادا ڪري شاگردن کي بھترين تعليم ڏياري استادن، والدين ۽ پاڻ کان وڏن جو احترام ڪرڻ سيکارين، ھنن چيو ته سنڌ اندر 60 ھزار نوجوانن کي روزگار مھيا ڪيو ويو آھي، ان موقعي تي نعت خوان نثار احمد پاران نعت شريف پڙھڻ سان گڏ ذوالفقار علي جوکيو گيت ڳائي داد حاصل ڪيو.