ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ويجھو 52 جوڙن جي اجتماعي شادي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، ان ڏس ۾ ٺٽي ويجھو بگھاڙ موري لڳ پير ڳوٺ ۾ سخي جميل شاھه ڏاتار گرناري جي چلي تي ڏاتار سيوا سماج گولڊن گروپ، ڏاتار ويلفيئر فائونڊيشن پاران علائقي جي غريب پورهيت 52 جوڙن جي اجتماعي شادي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ درگاھه سخي جميل شاھه ڏاتار جي گادي نشين سيد سڪندر علي شاھه، سيد ديدار علي شاھه، مناف ميمڻ سميت وڏي انگ ۾ گهوٽن ۽ ڪنوارين جي مٽن مائٽن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ گهوٽن ۽ ڪنوارن جي شادي جون سمورن رسمون ادا ڪيون ويون، عورتن ڳيچ به ڳايا، جڏهن ته ڪنوارن کي ڏاج ۽ گهوٽن کي تحفا ڏنا، مهمانن کي ماني به کارائي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان ڪوششون وٺي 52 غريب پورهيتن جي نياڻين جون شاديون ڪرايون آهن، هنن چيو ته شادي ڪندڙ 52 جوڙن کي گھربل ڏاج سيمت ٻيون شيون پڻ مهيا ڪري ڏنيون ويون آهن، هنن چيو ته اسان سوين گھوٽن جون اجتماعي شاديون ڪرائي، سوين مسلمان ٻارڙن جا سنت (طھر) به ڪرايا آھن، ھي انساني خدمت وارو ڪم آھي،
جنهن سان روحاني سڪون ملي ٿو.