ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽو شهر واسي پنهنجي گھر ۾ مبينا گولي لڳڻ سبب زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ ٺٽي شهر جي آمري اسٽاپ لڳ ميربحر پاڙي واسي نوجوان اعجاز علي پٽ مرحوم وڏيرو محمد صديق عرف شيد ميربحر پنهنجي گھر ۾ پسٽل جي مبينا گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال ٺٽو بعد ڪراچي علاج لاءِ نيو ويو، جتي زخمي نوجوان زخمن جي سَٽَ نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان اعجاز ميربحر پنهنجي والد مرحوم وڏيرو محمد صديق ميربحر جي فوت ٿيڻ بعد سخت پريشان رهندو هيو ۽ گذريل رات دير پريشاني وچان پاڻ کي پسٽل سان فائر ڪري خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جي سَٽَ نه سهندي فوت ٿي ويو سندس مڙھ گھر ٺٽي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.