ٺٽو (رپورٽر) سنڌ فشريز اينڊ ايڪوڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ چليا جي ڪچن ملازمن کي ٽريزري کاتي پاران گذريل ٽن مھينن کان پگهارن جا بل پاس نه ڪرڻ سبب پگھارون نه ملي سگهيون آهن، جنهن ڪري ملازم پريشانين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، ڪچن ملازمن انور ملاح، لکمير خاصخيلي، بشير ملاح، گل محمد شاھ، غلام نبي بروھي، شھباز گندري، شھمير ماڇي، غلام اڪبر ھيلايو، عبدالڪريم ماڇي ۽ ٻين چيو ته سندن پگھارن جا بل گذريل ٽن مهينن کان ٽريزري آفيس ٺٽي ۾ پيل آھن، پر ٽريزري آفيسر سندن پگھارن جا بل ئي پاس نٿو ڪري هنن چيو ته پگھارون گذريل ٽن مھينن کان بند ٿيڻ ڪري سندن خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته سندن پگھارن جا بل پاس ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي.