ٺٽو ( رپورٽر )ٺٽو سول اسپتال ۾ علاج دوران عورت فوت، عملي تي علاج ۾مبينا غفلت ۽ پوليس مٿان تشدد جو الزام، وارثن جو روڊ بلاڪ ڪري احتجاج، ٺٽي جي سول اسپتال آڏو مڪلي ۾ گجو واسين فوتي مريضه زاهده ملاح جي ڀاءُ ابراهيم ملاح  اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو، ان موقعي تي مريضه عورت جي ڀاءُ ابراهيم ملاح  چيو ته ڀيڻ  زاهده علاج هيٺ هئي، جيڪا اسپتال جي عملي جي غفلت سبب فوت ٿي وئي آهي، هن چيو ته هڪ ته منهنجي ڀيڻ فوت ٿي وئي آهي ته ٻيو مون مٿان اسپتال ۾ مقرر پوليس اهلڪارن به سخت تشدد ڪيو آهي، جيڪا ساڻس وڏي ناانصافي آهي، جڏهن ته ان موقعي تي فوت ٿي ويل مريض عورت جي وارثن وس وارن کان گھر ڪئي آهي ته عورت جي علاج ۾ غفلت ڪندڙ اسپتال عملي ۽ تشدد ڪند ڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو سخت احتجاج ڪيو ويندو.