ٺٽو (رپورٽر) دڙو لڳ ڳوٺ گل محمد سولنگي جي ڪيترن ئي رھواسين بااثر ماڻھن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي ايندڙ پوليو مھم جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ان ڏس ۾ تعلقي ميرپور بٺورو جي يونين ڪائونسل علي اڪبر شاھ جي ڳوٺ گل محمد سولنگي جي ڪيترن ئي متاثر رھواسي ڳوٺاڻن صالح محمد سولنگي، يعقوب سولنگي، عبدالغني سولنگي، مير علي سولنگي ۽ ٻين ٺٽي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي ته اسان جو ڳوٺ ھڪ سئو سال پراڻو قديمي ڳوٺ آھي، جنھن جي ڳوٺاڻن وٽ سندون پڻ موجود آھن، پر ڪجهه وقت کان وٺي اسان جي ڳوٺ جي چئوطرف ھڪ بااثر شخص جي زمين آھي، جنھن ۾ اسان ھارپو ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آھيون، پر ڪجهه سالن کان وٺي بااثر زميندار اسان ڳوٺاڻن کي پنھنجي ئي ڳوٺ مان لڏائڻ چاھي ٿو، جيڪو مختلف بھانا بڻائي اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي اسان تي ڪوڙا ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي اسانکي ڳوٺ مان بيدخل ڪري ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، ھنن چيو ته يوسي علي اڪبر شاھ ۾ سولنگي برادري جا 13 ڳوٺ موجود آھن، جن ۾ 600 کان مٿي ٻارڙا رھن ٿا، جيڪڏھن بااثر ماڻھن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف نه ڪيو ويو ته ايندڙ پوليو مھم ۾ اسان جي برادري جي سمورن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين. ھنن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي بااثر ماڻھن جي زيادتين مان نجات ڏياري کين پنھنجي ئي ڳوٺ مان بيدخل ٿيڻ کان بچائڻ جي گھر ڪئي آھي.