ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي عدالت ، ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي ڳورهاري ڀاڄائي کي قتل ڪندڙ جوابدار کي ڦاسي جي سزا ۽ وارثن کي 2 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ ٺٽي جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ ٺٽو جي جج محمد اسلام الحق آرائين جي عدالت ۾. مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ساڏورو ڀرسان 8 سال اڳ ڏير هٿان ڪهاڙين جا وار ڪري بيدرديءَ سان پنهنجي ڳورهائي ڀاڄائي شبانه زال غلام قادر بروهي کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي بعد ڳورهاري عورت شبانه زال غلام قادر بروهي جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار رحيم بخش بروهي کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڦاسيءَ جي سزا ۽ وارثن کي 2 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي واضع رهي ته قتل واقعي جي پيش اچڻ بعد ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار گذريل 8 سالن کان بدين جيل ۾ قيد آهي جڏهن ته عدالت جي سزا ٻڌائڻ واري حڪم بعد جوابدار کي بدين جيل ڏانهن نيو ويو آهي.