ٺٽو ( رپورٽر ) جھرڪ ويجھو مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب ڌٻجي ماءُ ۽ پٽ فوت ، ٻنهي ماءُ ۽ پٽ جي لاشن جي گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جھرڪ ويجھو ڳوٺ رمضان ٻٻر جي رهواسي علي اڪبر ٻٻر جي گھر واري امام زادي ۽ سندس 10 ورهين جو پٽ ارشاد ٻٻر ڳوٺ ڀرسان گھر جي راڳي لاءِ مٽي ڪڍندي اوچتو مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڌٻجي فوت ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن پهچي مٽي هيٺان ڌٻيل ماءُ ۽ پٽ جي لاشن کي ڪڍي وارثن حوالي ڪيو جڏهن ته هڪ ئي وقت ماءُ ۽ پٽ جي لاشن جي گھر پهچڻ تي سخت ڪهرام مچي ويو هوڏانهن رات دير سان ٻنهي ماءُ ۽ پٽ جي مقامي قبرستان ۾ تدفين لاءِ جنازن جي کڄڻ وقت پڻ سڄي ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو .