ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽي شھر جي مال پڙي ۾ واپاري شيرخان ڪاتيار کي نامعلوم ماڻهن نشو ڏئي بيهوش ڪري تشدد ڪرڻ بعد سندس کيسي مان ھڪ لک 15 هزار ۽ موبائل فون ڦر ڪرڻ بعد کيس بيهوشي جي حالت ۾ مڪلي پبلڪ پارڪ وٽ ڇڏي فرار ٿي ويا، جنھن کي شھرين بيھوشي واري حالت ۾ ڏسي کيس سول اسپتال مڪلي پھچايو، جتي سندس علاج جاري آھي، ٺٽو ۽ مڪلي پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود پوليس ڪابه ڪارروائي ڪري ناھي سگھي، ڦرجي ويل واپاري جي وارثن ايس ايس پي ٺٽو کان گھر ڪئي آھي ته واپاري شير خان ڪاتيار کان ڦر ڪيل رقم ۽ موبائل فون واپس ڪرائي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.