ٺٽو ( رپورٽر ) روزاني پنهنجي اخبار ، ٽائيم نيوز ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو پاران پريس ڪلب ٺٽي ۾ اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا مشاعرو منعقد ڪيو ويو، ايڪتا مشاعري جي صدارت ناليواري شاعر اديب صوفي ذوالفقار علي قادري ڪئي ،جڏهن ته ايڪتا مشاعري ۾ خاص مهمان طور سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي اڳوڻي چيئرمين ۽ محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جڏهن ته اعزازي مهمان طور سنڌي ۽ اردو جي ناليواري شاعر اقبال شاهين ، محمد ٻارڻ ۽ فقير اڪرم مڱڻهار شرڪت ڪئي، ايڪتا مشاعري کي ٺٽي ، سجاول جي ناليوارن شاعرن ڊاڪٽر آڪاش عباسي ، سڳند پليجو ، فياض لطيف پليجو ۽ ٻين شاعرن اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي عنوان هيٺ خوبصورت شاعري پڙهي هال ۾ ويٺلن کان خوب داد حاصل ڪئي،