بدين )رپورٽر( بدين کان ٽنڊو باگو تائين فائبر آپٽيڪل تار وڇائڻ جو ڪم سستيءَ جو شڪار، مين روڊ تي کليل کڏن ۽ مٽيءَ جي ڍيرن سبب حادثا معمول بڻجي ويا. گذريل رات وھڻائي شريف ڀرسان ڳوٺ آچار ملاح وٽ روڊ تي پيل مٽيءَ جي ڍير سبب موٽرسائيڪل حادثي جو شڪار ٿي ويو، نتيجي ۾ نوجوان ابراھيم ملاح سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ انڊس اسپتال مان فوري طبي امداد ڏئي سول اسپتال حيدر آباد ريفر ڪيو ويو. نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدار جي لاپرواھي سبب 8 مھينن کان کڏا بند نه ڪرايا ويا آھن. واضح هجي ته هن کان پهرين به 3 نوجوان زخمي ٿي چڪا آهي. ڳوٺاڻن الھڏنو، معشوق ملاح، نور محمد، اصغر ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ٺيڪيدار کي مين روڊ تي کڏا فوري طور بند ڪرائڻ جو پابند بڻايو وڃي.