ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھه سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪئنالن جي حوالي سان پيش ڪيل ٺهراءُ کي ڊرامو ۽ عوام سان دوکو قرار ڏنو آهي، هن مطالبو ڪيو آھي ته آصف زرداري ڪئنالن جو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي ڇاڪاڻ ته هن پاڻ گرين انيشيٽو پاڪستان جي اجلاس ۾ ان جي منظوري ڏني هئي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاھه جو چوڻ هو ته سنڌ جو عوام اڳ ئي ڪئنال منصوبي کي مڪمل طور رد ڪري چڪو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوام جي ردعمل کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هي ڊرامو رچايو آهي، هن وڌيڪ چيو ته قرارداد ۾ صرف چولستان ڪئنال جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جلال پور،گريٽر ٿر ڪئنال ۽ ٻين ڪئنال جو ڪو به ذڪر ناهي ڪيو ويو، ان کان علاوه قرارداد ۾ وفاقي حڪومت سان ڳالهين جو مطالبو به شامل آهي، جيڪو سنڌ جي عوام سان هڪ سنگين مذاق ۽ دوکو آهي،سيد زين شاھ چيو ته گرين پاڪستان جو منصوبو انهن 6 ڪئنالن تي مشتمل آهي جيڪڏهن اهي ٺاهيا ويا ته سنڌ بنجر ٿي ويندي، ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي پهچڻ مشڪل ٿي ويندو، ان ڪري گرين پاڪستان جو پروگرام ختم ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان جو ۽ سنڌ جي عوام جو مطالبو آهي ته صدر پاڪستان گرين انيشيٽو پاڪستان جي اجلاس ۾ ڏنل ڇهن ڪئنال جي منظوري واپس وٺڻ جو اعلان ڪري،جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر اهو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سنڌ حڪومت کي اعلان ڪرڻ کپي ته هو وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندي، زين شاهه سنڌ جي سمورن محب وطن ماڻھن،شاگردن،وڪيلن،اديبن، دانشورن،صحافين ۽ آبادگارن کي اپيل ڪئي ته هو 14 مارچ تي ان ٺهراءُ کي رد ڪندي مضبوط ۽ متحد آواز بلند ڪن ۽ وفاقي حڪومت ۽ صدر پاڪستان کان مطالبو ڪن ته اهي 6 ڪئنال فوري طور تي ختم ڪيا وڃن، سيد زين شاھه چيو ته جيستائين پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين، ڪو چيئرمين، وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر سنڌ جي عوام سان دوکو ڪرڻ بند نه ڪندا تيستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.