ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دوڪاندار حافظ معظم نوناري جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ شهرين رهبر چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي فيض نوناري، ممتاز نوناري، رحيم نوناري، عنايت نوناري، جمال جوش ٻرڙو، عبدالرزاق سرواڻ لاشاري، جاويد ساغر بروهي ۽ ٻين چيو ته 2 مهينا گذرڻ باوجود پوليس حافظ معظم نوناري جي قتل ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي، هنن چيو ته پوليس جوابدار ڌر جي سهولتڪار بڻيل آهي، هنن چيو ته پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن ڪري هنن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، هنن قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي.