ٺل(ن پ ا)ٺل ۾ ڳوٺاڻن جو وڌندڙ بدامني خلاف بي سيڪشن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ڳوٺ چٽو ڊول جي رهواسين بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾وڌندڙ بدامني ۽گذريل ڏينهن موبائل ۽ روڪ رقم ڦر ٿيڻ خلاف اعجاز ڊول،احسان ڊول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، مظاهرين چيو ته ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻو ڏوهارين حوالي ٿيل آهي پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، هنن گهر ڪئي ته ڦر ٿيل سامان واپس ڪري ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.