ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 7ڄڻا زخمي ٿي پيا، صديق نوناري پل وٽ ڊول ۽ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿيو، جهيڙي دوران لٺين ۽ سروٽن جو خوب استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ نور نبي، نور علي، عبدالحق، بلاول ۽ ٻيا شامل آهن، کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.