ٺل (ن پ ا)ٺل ۾ هڪ ئي رات چوري ۽ ڦر جون ٻه وارداتون پيش آيون آهن، رهبر چوڪ تي مير حسن ٻرڙو جي دڪان جا تالا ٽوڙي سامان جوابدار چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ٿاڻي روڊ تي نامعلوم هٿياربندن پاران سراج سرڪي کان هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا،ٻي طرف بدامني خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين وسيم قريشي، شمن سومرو،رشيد ڀٽي،اختر جعفري ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.