ٺل(ن پ ا) ٺل ۾ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ايم پي اي سهراب سرڪي آفر آرڊر ورهايا، مقامي شادي هال ۾ ٽيسٽ پاس 132 اميدوارن کي آفر آرڊر ورهائڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ايم پي اي سهراب سرڪي، ٽي اي او ميل فرحت ياسمين،ڊي اي او ميل مشتاق سڌايو، ڊي اي او سيڪنڊري اسماعيل ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي ٺل مان چونڊيل ايم پي اي سهراب سرڪي هٿان آفر آرڊر ڏنا ويا.