ٺل(رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل ڀرسان ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد مراد کوسو ۾ زمين جي مالڪي تان قتل ٿيل ٽنهي ڄڻن آفتاب کوسو، ذوالفقار عرف ڀٽو کوسو ۽ محمد مراد عرف بابي کوسو جا لاش پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ٺل اسپتال منتقل ڪيا، لاش 16 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيا لاش وصول ڪرڻ لاءِ مقتولن جا وارث نه پهتا، 16 ڪلاڪن کانپوءِ کوسا اتحاد جو چڱو مڙس محمد شريف کوسو ايمبولينس ذريعي لاش کڻائي ويو،مقتول سئوٽن ذوالفقار عرف ڀٽو کوسو ۽ محمد مراد عرف بابي کوسو جو لاش ڳوٺ بهادرپور آندو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن بعد اباڻي قبرستان ۾ مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، قتل ٿيل آفتاب کوسو جو لاش جيڪب آباد آندو ويو جان جيڪب قبرستان ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ کان مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،  ڳوٺ محمد مراد کوسو ۾ هڪ ڏينهن اڳ افسوسناڪ واقعي ۾ ٽن قتل کانپوءِ سوڳ وارو ماحول برقرار آهي ٻي طرف پوليس نفري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ محمد مراد کوسو ۾ ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته پوليس هيوي مشينري ذريعي اڳوڻي ڊي ايس پي مشتاق کوسو ۽ ظهور کوسو جو گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جي لاپرواهي سبب ٽي ڄڻا قتل ٿيڻ جو انڪشاف

ٺل: ڪريم بخش کوسو ۾ ٽن ڄڻن جي قتل جو واقعو پوليس جي لاپرواهي سبب پيش اچڻ جو انڪشاف، علائقي واسين هڪ ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي پوليس کي جهيڙو ٽارڻ جي اپيل ڪئي هئي شاهزمان کوسو ۽ رفيق کوسو ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار ٻن ڏينهن اڳ تيز ٿي وئي ڌريون مورچا بند ٿي ويهي رهيا هئا مختلف وقتن تي هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪندا رهيا اهڙي خونريزي جي خدشن هيٺ علائقي واسين حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو نوٽيس نه وٺڻ تي علائقي واسين سوشل ميڊيا تي پوليس ۽ چڱي مڙسن کي جهيڙي تي ضابطو آڻڻ لاءِ اپيل به ڪئي وئي پر پوليس ان ڳالهه کي سنجيدگي سان نه ورتو جنهن سبب ٽي ڳڀرو نوجوان قتل ٿي ويا آهن. علائقي واسين ٻڌايو ته کوسا برادري ۾ افسوسناڪ واقعو پوليس جي لاپرواھي سبب پيش آيو آهي ٻه ڏينهن اڳ خونريزي جي خدشي بابت اطلاع باوجود پوليس جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا جنھن سبب افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.

 

نياڻي جي پيدائش جي اڌ ڪلاڪ بعد پيءُ جو لاش گهر پهتو، خوشيون ماتم ۾ تبديل

ٺل: مقتول جي قتل کان اڌ ڪلاڪ اڳ نياڻي جنم ورتو، قتل جي اطلاع تي گهر جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون زميني تڪرار تان قتل ٿي ويل نوجوان محمد مراد عرف بابي کوسو کي نياڻي جو اولاد ڄائو جيڪو اطلاع گهرڀاتين پيءُ کي ڏنو ويو مقتول کي اڌ ڪلاڪ پهريان فون ڪري ٻڌايو ويو ته اوھان کي نياڻي جي اولاد ٿي آهي گهر اچو مقتول جواب ڏنو ته آئون ڪونه اچي سگهندس اڌ ڪلاڪ کان پوءِ نوجوان جي قتل جو اطلاع وارثن کي مليو ته گهر ۾ خوشي وارو ماحول ماتم ۾ تبديل ٿي ويو آهي.

قتل ڪيسن ۾ گهربل 42 جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي

ٺل: قتل ڪيسن ۾ گهربل 42 جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس 42 جوابدارن کي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

قتل واري واقعي ۾ ملوث نه هئڻ باوجود گهر ڊاهي پٽ ڪيو ويو: مشتاق کوسو

ٺل: رٽائرڊ ڊي ايس پي مشتاق کوسو ٻڌايو ته قتل واري واقعي ۾ ملوث نه هئڻ باوجود گهر هيوي مشينري سان ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي گهر ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي رقم جي سولر پلانٽ لڳل هئي جيڪو به پوليس کڻائي وئي گهرن ۾ پيل سامان جي ڦرلٽ ڪئي وئي آهي.