ٺل(ن پ ا) ٺل جي هندو پاڙي جو رهواسي هندو خاندان هميشه لاءِ سنڌ ڇڏي هندستان روانو ٿي ويو، شنڪر لعل پنهنجي گهر واري ۽ ٻن ٻارڙن سان گڏ پنهنجي جنم ڀومي کي ڇڏڻ وقت مٽن مائٽن کان موڪلائڻ مهل لڙڪ روڪي نه سگهيو، ان موقعي تي شنڪر لعل ٻڌايو ته جنم ڀومي کي ڇڏڻ انتهائي ڏکيو آهي، ڏک بيان نه ٿو ڪري سگهان، هتي مهانگائي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سميت ٻيو گهڻو ڏک آهي، هندو خاندان جنم ڀومي ڇڏڻ وقت جيئي سنڌ جا نعرا هڻندو رهيو.