ٺل(ن پ ا) ٺل ويجهو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي ۾ بنگلاڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ناري جي اغوا واري مامري تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران سروٽا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  زخمين ۾ بلال احمد بنگلاڻي، نياز احمد بنگلاڻي، غلام حيدر سولنگي، ضمير سولنگي، زبير بنگلاڻي، صدورو سولنگي، احسان سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن، پوليس موجب جهيڙو ناري جي اغوا مامري تان پيش آيو آهي. زخمي ٿيل بنگلاڻي برادري جي ماڻهن نياز بنگلاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته  سولنگي برادري جي ماڻهن جو لهر برادري جي مآڻهن سان ڪارنهن تڪرار هلندڙ آهي. هوڏانهن غلام حيدر سولنگي ٻڌايو ته بنگلاڻي برادري جي ماڻهن اسان جي ناري کي اغوا ڪيو آهي. ٻي طرف پوليس ڪارروائي ڪري 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.