ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ شهرين ڪروڙين روپين جي لاڳت سان منظور ڪيل پاڻي اسڪيم جو ڪم 13 سال گذري وڃڻ باوجود مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي جدوجھد ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن جمال جوش ٻرڙو، ڪامريڊ سرواڻ لاشاري، جاويد ساغر بروھي ۽ ٻين چيو ته 13 سال اڳ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان پاڻي جي اسڪيم منظور ٿي پر هن مهل تائين ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، هنن چيو ته مٺي پاڻي جي اسڪيم جي نالي تي آيل پئسن ۾ ڪرپشن ڪئي وئي، جنهن ڪري اسڪيم مڪمل ناهي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪيم مڪمل ڪري شهرين کي مٺو پاڻي ڏنو وڃي.