ٺل(ن پ ا) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد دريا خان چوڪ تي هفتو اڳ اسڪول ويندڙ استاد وزير علي جعفري کي مرغين جي مزدا پاران ٽڪر هنيو ويو،جنهن سبب استاد وزير علي جعفري ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، ڪالهه فوتي استاد وزير علي جعفري جي وارثن ڏانهن نوناري برادري جا معززين ميڙکڻي پهتا، ان موقعي تي مير شاهزين خان بجاراڻي، بنگلاڻي برادري جو چيف مقدم مير جهانگير خان بنگلاڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، جن آيل ميڙ کي مان ڏيندي خون بخش ڪري ڇڏيو.