ٺل ۾ ماسترياڻيون يرغمال: اغوا ڪوشش: ڳوٺاڻن مڙسي ڪري بچائي ورتو: وڊيو وائرل

0
19
ٺل ۾ ماسترياڻيون يرغمال: اغوا ڪوشش: ڳوٺاڻن مڙسي ڪري بچائي ورتو: وڊيو وائرل
ٺل ۾ ماسترياڻيون يرغمال: اغوا ڪوشش: ڳوٺاڻن مڙسي ڪري بچائي ورتو: وڊيو وائرل

ٺل(ن پ ا) ٺل ويجهو خانگي اسڪول جي ليڊي ٽيچرس جي وين کي هٿياربندن روڪي ورتو، اغوا جي ڪوشش، ڳوٺاڻن جي مزاحمت بعد جوابدار فرار، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڍو بنگلاڻي ڀرسان ٺل کان خانگي اسڪول جي ليڊي ٽيچرس جي وين کي روڪي  9 کان وڌيڪ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ٽيچرس کي يرغمال بڻائي ورتو، هٿياربندن طرفان  ليڊي ٽيچرس ۽ ڊائيور کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته، ڳوٺاڻن ۽ گارڊ مڙسي ڪري ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪائي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو۔ٻي طرف پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناڪابندي ڪئي پر جوابدار فرار ٿي ويا، خانگي اسڪول جي پرنسپال سسئي ٻڌايو ته اسڪول جون ليڊي ٽيچرس وين تي سوار ٿي اسڪول اچي رهيا هئا ته هٿياربندن اڳ جهلي اغوا جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺاڻن مڙسي ڪري اسان جي ليڊي ٽيچرس ۽ عملي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي.