ٺل(ن پ ا) ٺل ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران قومي سگهڙ ڪانفرنس ٺل جي مقامي شادي حال ۾ ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي سگهڙن ڏور بيت ۽ ڳجهارتون ڏئي محفل ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو، خاص طور تي سگهڙن ڏور بيت ۽ ڳجهارتون سنڌو تي ڪئنال اڏڻ خلاف پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي سگهڙن چيو ته سگهڙ جو مطلب گهڙيندڙ آهي سگهڙ سنڌ جي ڏکن ۽ سورن کي پنهنجي بيت ۾ گهڙي عوام آڏو رکي ٿو پر ان گهڙيندڙ سگهڙ کي سنڌ سرڪاري مڪمل طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي سگهڙ کي سنڌ حڪومت وارثي ناهي ڪئي، ڪانفرنس ۾ مرڪزي چونڊ پڻ ٿي سلات جي سال 2025ع کان 2027ع تائين ٻن سالن لاءِ مرڪزي باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاري، مرڪزي سرپرست اعليٰ آغا نور محمد پٺاڻ، سنڌ جو صوبائي سرپرست پروفيسر ”بيوس“ بخش علي چانڊيو، مرڪزي صدر گل حسن گل ملڪ، سينيئر نائب صدر پٺاڻ فقير مھر، جونيئر نائب صدر پنھل پياسي ٻُرڙو، نائب صدر ارشاد علي عرضائي، سيڪريٽري جنرل عبدالستار مير بحر، ڊپٽي سيڪريٽري حاڪم علي رند، جوائنٽ سيڪريٽري عزيزالله مستوئي، خزانچي محمد جمن ڀٽي، معاون خزانچي محمد ايوب ”عارض“ واهوچو، ثقافتي سيڪريٽري خادم حسين مڱلو، اطلاعات سيڪريٽري(پريس ترجمان) اقبال عادل مھر، آفيس سيڪريٽري حاجي اربيلو منگي ۽ سوشل ميڊيا سيڪريٽري نور احمد ”نور“ پتافي کي چونڊيو ويو.