ٺل(ن پ ا) ٺل ۾ ٻه ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل پيرسن خان محمد بروهي جو قتل ڪيس مقتول خان محمد بروهي جي گهرواري بيب ناز بروهي جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي علي نواز، شاهنواز، علي مردان، ٻڍو، غلام حيدر، محمد حسن، مسمات منگلي خاتون ۽ ٻن اڻ سڃاتلن سميت 9 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس ڪوبه جوابدار نه ڪري سگهي.