ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ سندس امڙ سڪينا سرڪي، والد عبدالرزاق سرڪي، سياسي اڳواڻن جمال جوش ٻرڙو، اعجاز ڪنراڻي، مولوي مير حسن ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٺل جيڪب آباد روڊ تي ڌرڻو هنيو، اڳواڻن چيو ته فضيلا سرڪي کي اغوا ڪئي 17 سال ٿي چڪا آهن پر پوليس نياڻي جي واپسي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا، والدين چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان چئون ٿا ته فضيلا سرڪي کي پنهنجي ئي برادري جي الهورايو سرڪي ۽ ٻين اغوا ڪيو آهي جنهن اسان جي نياڻي واپس ڪرڻ لاءِ ذوالفقار سرڪي آڏو اعتراف پڻ ڪيو هو ۽ ٽن ڏينهن اندر واپسي جو واعدو ڪيو هو پر پوءِ هو نياڻي ڏيڻ کان ڦري ويو، هنن چيو ته نياڻي جو نئين سر پيرو سرڪين کان کنيو وڃي ته خبر پئجي ويندي ته نياڻي هن وقت ڪٿي آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن جيئري آهي ته واپس ڪرايو وڃي، جيڪڏهن مري وئي آهي ته ان جي قبر ڏيکاري وڃي، هنن چيو ته اسان اڳ به چيو آهي ته فضيلا سرڪي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ تيغاڻين وٽ قيد آهي، ان کي بازياب ڪرايو وڃي.