ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ سيپڪو پاران شهر ۾ غير قانوني ڪنيڪشن خلاف آپريشن ڪيو ويو، شهر جي مختلف محلن انصاري محلو، سومرا محلو، دايا محلو توڙي مارڪيٽن ۾ آپريشن ڪندي 5 سئو کان وڌيڪ غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا، آپريشن دوران 3 بجلي چورن کي گرفتار ڪرايو ويو، ايس ڊي او جو چوڻ آهي ته بجلي چورن خلاف آپريشن جاري رهندو، شهري تعاون ڪن ۽ غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽا ڪن.