ٺل(رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل ۾ سائين جي ايم سيد بابت نازيبا ٻولي استعمال ڪرڻ خلاف ايس يو پي ۽ جسقم طرفان ايس يو پي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو، جسقم تعلقي صدر وسيم قريشي جي اڳواڻي ۾ امروٽي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پراڻي سوئي گيس آفيس آڏو پهتي ته پ پ ڪارڪن به پهچي ويا جنهن تي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، سروٽا، پٿراءُ ۽ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، جھيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو، اڌ ڪلاڪ تائين پٿراءُ هلندو رهيو، اطلاع باوجود پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهچي ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ جي لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي، جهيڙي دوران ايس يو پي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو، جسقم تعلقي صدر وسيم قريشي، ڏاڏو قريشي، پ پ سٽي صدر جميل دايو، سندس پٽ بابر دايو، امداد دايو، حيدر دايو سميت ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان ايس يو پي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو جي حالت خراب هجڻ ڪري جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن اطلاع تي ٻنهي ڌرين جا سوين ماڻهو تعلقي اسپتال ٺل ۽ اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي ويا ته پوليس ٿاڻي جا گيٽ بند ڪري ڇڏيا، ان موقعي تي پوليس ٻنهي ڌرين کي ليٽر ڏئي هڪ ٻئي خلاف اين سيون داخل ڪيون ويون.
ٺل: پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ريلي ۾ پ پ اڳواڻ جيڪڏهن ڪو به سائين جي ايم سيد خلاف بيان ڏنو آهي ته ان کي به ضرور ڏسنداسين، اسان پ پ ۾ هجڻ باوجود به ڪنهن سان به زيادتي نه ڪنداسين، باقي جيڪو قومي ڪارڪنن اسان جي سٽي صدر جي گهر ۾ حملو ڪري زخمي ڪيو آهي، ان جي مذمت ضرور ڪنداسين ۽ قانوني رستو پڻ اختيار ڪنداسين، ڪجهه دوست اسان سان رابطي ۾ آيا آهن ته مامري کي حل ڪرايو ۽ وڌيڪ ڪشيدگي ڪرڻ نه ڏيو اسان ڪوشش ڪنداسون ته وڌيڪ ڪوبه مسئلو نه وڌي.
|
ٺل: جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ايس يو يي ضلعي صدر جمال جوش ٻررڙو ٻڌايو ته پ پ جي ريلي ۾ پ پ اڳواڻ اسان جي رهبر سائين جي ايم سيد جي خلاف غلط ٻولي استعمال ڪئي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳي نه هئي، اسان جي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي کي گذارش ڪئي هئي ته معاملي کي حل ڪرايو، پ پ اڳواڻ کان معافي وٺرايو پر ڪنهن به منهنجي گذارش تي عمل نه ڪيو، بعد ۾ اسان جي پر امن ريلي تي حملو ڪيو ويو، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي
|
تعلقي بار طرفان قومي ڪارڪنن جو ڪيس مفت وڙهڻ جو اعلان
ٺل: تعلقي بار ٺل پاران قومي ڪارڪنن /ڏسو صفحو 7 بقايا 37
جو ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڪيو ويو آهي، ايس يو پي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو تي ٿيل حملي جي تعلقه بار ٺل پاران مذمت ڪئي وئي آهي، تعلقه بار جي اڳواڻن سينيئر وڪيل عدنان سرڪي،عبدالرئوف ميمڻ پنهنجي ٽيم سان تعلقي اسپتال ٺل پهچي جمال جوش ٻرڙو جي عيادت ڪئي، جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن کي جيڪڏهن بچايو آهي ته قومي ڪارڪنن بچايو آهي، پرامن ريلي تي حملو ڪيو ويو، اسان جمال جوش ٻرڙو سميت قومي ڪارڪنن جي کليل حمايت ڪيون ٿا، ڪٿي به هنن جو ڪوبه ڪيس هوندو اسان فري ۾ لڙنداسون.
اسان وٽ ٻنهي ڌرين مان جيڪو به ايندو، قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي: پوليس
ٺل: ايس ايچ او ٺل محمد ايوب ڊوگر موجب ٻنهي ڌرين جي رپورٽ ورتي آهي، جهيڙي دوران پوليس پهچي وئي ۽ معاملو وڌڻ نه ڏنو، اسان وٽ ٻنهي ڌرين مان جيڪو به آيو قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.