ٺل(ن پ ا)ٺل ۾ بروهي برادري جو چئن ڄڻن جي گمشدگي خلاف ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي جتي مظاهرين رمضان بروهي،الله رکيو بروهي، ظفر علي، محراب بروهي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جا ماڻهو لاڙڪاڻي حاضري تي ويل چئن ڄڻن پيار علي،حاجي علي مراد، محمد يوسف ۽ عبدالرزاق کي نامعلوم نقاب پوش ماڻهن ڪار مان لاهي کنڀي کڻي ويا آهن، اسان جو ٺل ۾ دڪان جي مالڪي تان نوناري برادري سان جهيڙو هلندڙ آهي، اسان کي شڪ آهي نوناري برادري جي ماڻهن اسان جا ماڻهو گم ڪرايا آهن، مظاهرين مطالبو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهو ظاهر ڪري انصاف ڏنو وڃي.