ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ايڪتا جون سرگرميون تيز، ٽوپي ۽ اجرڪن جي وڪري ۾ اضافو، ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏ ملهائڻ جو وچن، خبر موجب روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي جي ڏنل سڏ تي 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، ان ڏس ۾ ٺل تعلقي جي مختلف شهرن جونگل، ڳڙهي حسن، باهوکوسو ۽ ٻين شهرن جي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ ايڪتا جا پروگرام رٿيا ويا آهن، جڏهن سگهڙ سٿ، جسقم، قومي عوامي تحريڪ، وطن دوست مزدور فيڊريشن، فنڪار ايسوسيئيشن پاران ايڪتا جي حوالي سان مچ ڪچهريون ۽ ڳوٺاڻيون ڪچهريون ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ اڳواڻن روشن ڪنراڻي، وسيم قريشي، محمد ابراهيم ڪنراڻي ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏهاڙو اسان جي قومي عيد آهي جنهن کي ڀرپور نموني سان ملهائينداسين، هنن چيو ته ايڪتا ڏهاڙي تي لکين سنڌي هڪ ويس اوڙهي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيندا.