ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ يوسي توج جي ڳوٺاڻن پاران تپيدار اصغر سرڪي تي سروي ڪرڻ لاءِ رشوت گهرڻ جو الزام مڙهي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي آهي. وڊيو ۾ ڳوٺاڻا الزام لڳائي رهيا آهن ته تپيدار اصغر سرڪي اسان کان سروي ڪرڻ جا 4 هزار گهري ٿو، ٻئي پاسي تپيدار اصغر سرڪي رابطو ڪرڻ تي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، هوڏانهن تپيدار اصغر سرڪي جي هڪ ٻئي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هو الزام لڳائيندڙ ڳوٺاڻن کي قسم کڻائي ٿو ته مان اوهان کان پئسا ناهن گهريا، جنهن تي ڳوٺاڻا پاران الزام غلط فهمي سبب لڳائڻ جو بيان ڏئي رهيا آهن.