ٺل(ن پ ا) ٺل ويجهو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد عمر ڪنراڻي ڀرسان گدرن جي باغ تي ستل پيءُ عبدالحليم ڪنراڻي ۽ پٽ نظير احمد ڪنراڻي کي هٿياربندن اغوا ڪري ويا، جڏهن ته هٿياربندن عبدالحليم ڪنراڻي کي هٿ پير ٻڌي باهوکوسو ويجهو اڇلائي فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس ۽ ڪنراڻي برادري جا ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جيڪي هٿياربندن جا پيرا سنڌ_ بلوچستان جي سرحدي پٽي تي گم ڪري واپس موٽي آيا، عبدالحليم ڪنراڻي ٻڌايو ته هٿياربندن اسان پيءُ پٽن کي اغوا ڪيو، جوابدار مونکي ڇڏي منهنجي پٽ کي اغوا ڪري ويا آهن، ٻي طرف واقعي بعد ڪنراڻي برادري جي ماڻهن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري مغوي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.