ٺل/ ڳڙهي حسن/باهو کوسو (نمائندن وٽان) ٺل ويجھو آرڊي 52 ٿاڻي جي حد ۾ چور  ڳوٺاڻي محمد رمضان کوسو جي گھر ۾ گھڙي چوري ڪوشش ڪئي ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا، جن مڙسي ڪري ٻن چورن کي سوگهو ڪري ورتو، چورن جي سڃاڻپ محمد مراد ڪٽوهر ۽ نثار بروهي طور ٿي، جن کي ڪٽڪي بعد آرڊي 52 پوليس حوالي ڪيو ويو. ڳوٺاڻن پاران سوگھو ڪيل چورن مان محمد مراد ڪٽوهر ٻه مھينا اڳ قتل ڪيل نوجوان محمد قاسم جمالي جي مک جوابدار طور ٿي جنھن جو دلمراد ٿاڻي تي قاسم جمالي قتل ڪيس داخل ٿيل آھي. ٽائيم نيوز تي جوابدار کي آزاد ڪرڻ جي خبر هلڻ بعد ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس ورتو. آرڊي 52 پوليس گرفتاري ظاهر ڪندي جوابدار کي مولاداد پوليس جي حوالي ڪيو