ٺل (ن پ ا)ٺل ۾ پ پ ۽ قومپرست ڪارڪنن وچ جهيڙو وارو مامرو، ٺل ۾ ٻه ڏينهن اڳ پ پ ۽ قومپرست ڪارڪنن وچ ۾ ريلي تي جهيڙي واري مامري بعد چڱن مڙسن جو ميڙ منٿ فافلو ٻنهي ڌرين وث ذوالفقار سرڪي، عمر دراز ڀنگر، صدام حسين ٻرڙو، مارڪيٽ ڪاميٽي چيئرمين رضوان شاهه جيلاني ۽ معززين جي ميڙ منٿ قافلو پ پ سٽي صدر جميل دايو ۽ ايس يو پي اڳواڻ جمال ٻرڙو وچ پهتا جتي آيل ميڙ کي مان ڏيندي ٻنهي ڌريون فيصلي لاءِ راضي ڳالهيون ٻن ڏينهن بعد ٿينديون. ميڙ کڻي آيل چڱن مڙسن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ٻنهي ڌرين کي تڪرار ختم ڪرائي ماحول بهتر بڻائجي.