ٺل (ن پ ا) ٺل پوليس ٻن نينگر سئوٽن نادر بنگلاڻي، قدير بنگلاڻي ۽ زميندار بهرام کوسو کي بازياب نه ڪرائي سگهي، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ فتح محمد بنگلاڻي مان ٻه هفتا اڳ اغوا ٿيل ٻن سئوٽن نادر بنگلاڻي ۽ قدير بنگلاڻي جي بازيابي لاءِ وارثن جونگل پريس ڪلب آڏو بخت الله بنگلاڻي، صادق بنگلاڻي احتجاج ڪندي چيو ته پوليس ٻن ٻارن کي ٻه هفتا گذرڻ باوجود به بازياب ناهي ڪرائي سگهي، هنن چيو ته ڌاڙيلن هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو آهي، اسان غريب آهيون ايتري رقم ڪٿان آڻيون، هڪ ويلو کائون ٿا ته هڪ ويلو بک تي گذاريون ٿا، هنن چيو ته ڌاڙيلن چيو ته توهان جو هڪ نينگر کي قتل ڪيو آهي اها خبر ناهي ته ڪهڙي ٻارڙي کي هنن ظالمن قتل ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪو ٻارڙي جي لاش جي تصوير موڪلي آهي اسان ڏاڍي ڪوشش ڪئي سين ته نينگر جو تصوير ڏين پر هنن اسان کي نه ڇوڪرن سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي ۽ نه وري هنن جي ڪا تصوير موڪلي آهي، هنن چيو ته مغوين جون مائرون پريشان آهن. ٻئي پاسي ٺل جي ڳوٺ پيارو کوسو مان 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل زميندار بهرام کوسو جي بازيابي لاءِ جسقم ۽ کوسا برادري پاران ميونسپل ڪاميٽي کان لياقت سرڪي ۽ گلزار کوسو جي اڳواڻي ۾ رهبر چوڪ تي ڌرڻو هنيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي جي ڪري ٺل تعلقو بدامني جي ورچڙهي ويو آهي، زميندار بهرام کوسو کي اغوا ڪئي 20 ڏينهن ٿي چڪا آهن پر پوليس کيس بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪابه حڪمت عملي ناهي جوڙي سگهي. هوڏانهن زميندار بهرام کوسو جي بازيابي لاءِ مغوي جي ڀاءُ ۽ پٽ پاران 4 جولاءِ تي ايس پي آفيس جيڪب آباد آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي.محمد ايوب کوسو ۽ صدام کوسو وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪندي چيو ته پوليس اسان کي رڳو دلاسا ڏئي رهي آهي، بهرام کوسو کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي. هنن چيو ته بهرام کوسو جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي جيڪب آباد اسان کان مهلت گهري پوءِ به کي سبازياب ناهي ڪرايو ويو. ڌاڙيلن پاران مغوي زميندار بهرام کوسو جي بازيابي لاء هڪ ڪروڙ ٻه راڊو واچون ۽ هڪ آئي فون گهري آهي اسان غريب آهيون پئسا ڪٿان آڻيون، سنڌ جا کوسا برادري ۽ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي اپيل آهي ته اسان جي احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪن.