ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ڦر دوران 3 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل دڪاندار جا نه جوابدار گرفتار ٿيا ۽ نه ئي ڪيس داخل ٿيو، وارثن ۽ شهرين جو احتجاج جاري، ڌرڻو، روڊ بلاڪ، خبر موجب موسيٰ الله آباد شاخ وٽ 3 ڏينهن اڳ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري واري واقعي جو پوليس اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آندي آهي، هوڏانهن ڪالهه ٽئين ڏينهن به وارثن توڙي شهر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري رهبر چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري سنڌ بلوچستان سميت مختلف علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ٽئين ڏينهن به معطل رهي، جڏهن ته رهبر چوڪ تي وڇايل تڏي تي جمعي نماز ادا ڪئي وئي، ان موقعي تي اي جي انصاري، جمال جوش ٻرڙو، نماڻو نوناري، شفيق نوناري، فيض محمد نوناري، رحيم نوناري، ممتاز نوناري، سرواڻ لاشاري، ميرحسن ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته 3 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، هنن چيو ته ٺل شهر ۾ هڪ سازش تحت ٽارگيٽ ڪري دوڪاندارن واپاري نوجوانن کي قتل ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو، هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن ۾ جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته سنڌ بلوچستان دنگ توڙي نيشنل هاءِ وي کي بلاڪ ڪيو ويندو، ڪالهه رهبر چوڪ تي مقتول جي وارثن سان امداد سرڪي، ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولوي فدا ڊول، شاهه محمد شاهه، انور سومرو، شاهزيب سرڪي، رضوان علي شاهه، رميش لعل، صدام ٻرڙو، ذوالفقار ٻرڙو ۽ ٻين تعزيت ڪئي، ٻئي پاسي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيلن لاءِ ظفر ٻرڙو، ياسين ٻرڙو ۽ ٻيا وارثن وٽ پهتا، جن چيو ته پوليس پاران شڪ ۾ ورتل ماڻهن پاران آيا آهيون، اهي دڪاندار جي قتل ۾ ملوث ناهن، ميڙ آيل چڱن مڙسن وارثن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته اسان اوهان سان 10 سال تائين ٻڌل آهيون، جيڪڏهن ملوث نڪتاسين ته اوهان جا ڏوهاري آهيون، جنهن تي مقتول جي ڀاءُ آيل ميڙ کي جواب ڏيندي چيو ته اسان پوليس کي ڪنهن جو به نالو ناهي ڏنو، پوليس پنهنجي جاچ ۾ شڪي ماڻهو پڪڙيا آهن، انهن جي به اسان کي ڄاڻ ناهي.