ٺل(ن پ ا) ٺل ويجھو ٽن مقتولن جو اڄ ٽيجھو: ڪيس داخل، اڳوڻو ڊي ايس پي ۽ شاگرد به نامزد، آفتاب کوسو جي قتل جو ڪيس ٻن مقتولن مراد کوسو ۽ ذوالفقار کوسو جي وارثن مٿان ڪريم بخش کوسو ٿاڻي تي مقتول آفتاب کوسو جي سئوٽ نثار احمد جي فرياد تي رفيق احمد کوسو، اشفاق احمد، سراج احمد، محمد صديق، انور حميد، شاهه جهان،ڪامران، يونس کوسو، صابر حسين، ذاڪر حسين، محمد صلاح، بلاول، ولي محمد ۽ هدايت الله سميت 14 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪريم بخش کوسو پوليس ڪيڊٽ ڪاليج ۾ نائين ڪلاس جي شاگرد اشفاق احمد کوسي ۽ نينگر سراج کوسو کي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪري ڇڏيو آهي، ڪيس ۾ پوليس ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگرد اشفاق احمد کوسو کي هٿ ۾ پسٽل ڄاڻو آهي ان حوالي سان ايس ايچ او علي محمد اوڍو موجب اسان کي شاگرد اشفاق احمد مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بابت ڄاڻ ناهي، ته هو شاگرد آهي، ڪيس فريادي ڪيس داخل ڪرايو آهي، هوڏانهن ڪيس ۾فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدار اسان جي ديري تي اچي ڌمڪيون ڏنيون ته اوھان کي روڪيو ويو ڇو آيا آهيو، جوابدار رفيق کوسو ۽ صديق کوسو قتل جي ارادي سان آفتاب کوسو کي تي فائر ڪئي، جيڪو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، پوليس موجب آفتاب کوسو جي قتل جو ڪيس 14 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ٻن ٻين مقتولن جي وارثن جي اچڻ کانپوءِ انهن جو به ڪيس داخل ڪيو ويندو، هوڏانهن پوليس پاران مقتولن جي گهرن ٻاهران پوليس پڪٽون قائم ڪري ويهي رهي آهي، ٽنهي مقتولن جو ٽيجهي جي رسم اڄ ادا ڪئي ويندي. ٻي طرف ڪريم بخش کوسو ٿاڻي تي مقتول مراد عرف بابي کوسو جي امڙ صاحب خاتون جي فرياد تي اڳوڻي ڊي ايس پي مشتاق کوسو، شاهزمان کوسو، شاهد کوسو، زاهد کوسو،گوهر زمان، شير زمان، گل زمان، سڪندر علي، نثار احمد، جميل احمد، غلام رسول سميت 20 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته هڪ سال اڳ منهنجي ڀائيٽي احسان کوسو کي اڳوڻي ڊي ايس پي مشتاق کوسو جي بڇ تي قتل ڪيو ويو ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي حملو ڪيو، جوابدار مشتاق کوسو جي بڇ تي شاهزمان، شاهد کوسو، زاهد کوسو ۽ ٻين گوليون هڻي پٽ مراد کوسو ۽ ڀائيٽي ذوالفقار کوسو کي قتل ڪيو.