ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ يوسف بنگلاڻي ۾ 2 ڏينهن اڳ ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڀائرن قيصر بنگلاڻي،بابن بنگلاڻي ۽ سندن سئوٽ جمال بنگلاڻي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، جڏهن ته ٽن مقتولن جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ مٽن، مائٽن توڙي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي، جناري نماز ۾ تر جي چونڊيل نمائندي شرڪت نه ڪئي، ٽنهي مقتولن جا لاش هڪ ئي وقت گهرن مان کڄڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول رهيو، مقتولن جي ڀائرن رهزن بنگلاڻي ۽ ٻين جوابدارن اسان جو گهر اجاڙي ڇڏيو آهي، مخالفن اسان جا 4 ماڻهو بيگناهه ماري ڇڏيا آهن، جوابدارن اڳرائي ڪري اڳ به اسان جو مقدم بلاول قتل ڪيو ۽ بعد ۾ اسان جا ٽي ڪونڌر ماري ويا آهن،هنن چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي، 16 هٿياربند سرعام قتل عام ڪري ويا، کين سخت سزا ڏني وڃي، هوڏانهن بي سيڪشن پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ موٽيو بنگلاڻي، ڳوٺ بگٽي بنگلاڻي ۽ ٻين علائقن ۾ چڙهائي ڪري جوابدارن جي پنجن گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ۽ ڪيترن ئي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو پر ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.ايس ايچ او بي سيڪشن اياز پٺاڻ ٻڌايو ته جوابدار اڳ ئي گهر خالي ڪري ويا هئا، گهرن کي ڊاٺو ۽ ٺڪاڻن کي باهيون ڏنيون آهن.جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.