ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل ويجهو ڪريم بخش کوسو ۾ ٽي ڏينهن اڳ واپاري غلام سرور کوسو جي گهر مان ڏيڍ ڪروڙ جي ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، واقعي خلاف ٽئين ڏينهن به ڪريم بخش کوسو شهر بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس جوابدار جي گرفتاري ۽ سامان جي واپسي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، پوليس رڳو آسرا ڏيڻ ۾ پوري آهي، شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رهيا آهن، هنن چيو ته ڏيڍ ڪروڙ جو ڌاڙو لڳڻ بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن اڄ سومر ڏهاڙي ايس ايس پي جيڪب آباد آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.