ٺل(ن پ ا) ٺل ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ مبارڪ پهوڙ ۾ پوليس قتل ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ فريادي ڌر ساڻ ڪري پهتي ته جهيڙو ٿي پيو،جھيڙي دوران  لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب عطاءُ محمد پهوڙ، شهمير پهوڙ، نسيمان خاتون، منظوران خاتون ۽ قادل خاتون پهوڙ سميت پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، متاثر ڌر جي ماڻهن دانهيو ته پوليس فضل الرحمان پهوڙ جي ڌر جا 20 ماڻھو ساڻ ڪري  گهر تي حملو ڪيو آهي، پوليس جي موجودگيءَ ۾ جوابدارن گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ مردن کي ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي زخمي ڪيو آهي، پوليس موجب جيڪب آباد ۾ هڪ سال اڳ پراڻي تڪرار تان 3 ڄڻن جي قتل ڪيس جي جوابدار عبدالسميع پهوڙ جو اطلاع مليو ته چڙهائي ڪئي، جوابدار هٿ نه آيو، فريادي ۽ گهر ڌڻي پاڻ ۾ وڙهي پيا، جنهن ۾ گهر ڌڻي جي عورتون ۽ مرد زخمي ٿيا آهن.