ٺل(ن پ ا) ٺل ويجهو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد محمد عمر ڪنراڻي مان هڪ ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان نظير ڪنراڻي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن عبدالستار ڪنراڻي، جمال جوش ٻرڙو، وسيم قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري رهبر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گدرن جي فصل تي چوڪيداري ڪندڙ نوجوان نظير ڪنراڻي کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوجوان کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.