ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل ويجهو مسافر ڪوچ ۽ مزدا وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر، ماءُ ۽ ٽن ٻارن سميت 5 مسافر فوت، 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٺل ويجهو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرڊ اسٽيشن ڀرسان ڪوئيٽا کان صادق آباد ويندي مسافر ڪوچ جو مزدا سان خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ موقعي تي ئي پنج مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، فوتين جي سڃاڻپ ڪوئيٽا جي علائقي پشين جي رهواسي هڪ ئي گهر جي اطلسه زال زال امان الله پٺاڻ، سندس پنج سالن جي نياڻي جميلا، 7 ورهين جو پٽ حفيظ الله، 3 ورهين جي خديجه پٺاڻ ۽ ڪرمپور واسي 55 ورهين جي دلمراد جعفري طور ڪئي وئي، جڏهن ته حادثي ۾ 22 ورهين جي پروانا خاتون، 40 ورهين جي حبيب پٺاڻ، 25 ورهين جوسيف الله پٺاڻ، 45 ورهين جو عبدالولي، 9 ورهين جو شنو خان، 7 ورهين جي بلقيس پٺاڻ سميت 12 کان وڌيڪ ماڻهو شامل آهن، اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي ٺل تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، 5 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين جيڪب آباد،سکر ۽ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته حادثي دوران مسافر ڪوچ جو اڌ حصو تباهه ٿي ويو، حادثي دوران ڪوچ ۽ مزدا جا ڊرائيور فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس مسافر ڪوچ ۽ مزدا کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اي سيڪشن ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال مان فوتي هڪ ئي گهر جي چئن ڄڻن جا مڙه چئن ڪلاڪن بعد ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. وارث فوتي ٽن ٻارڙن ۽ سندن ماءُ جا مڙهه ايمبولينس ذريعي ڪوئيٽا جي علائقي پشين ڏانهن کڻائي ويا.
ڪوئيٽا واسي 4 ڄڻن جي وارثن خون معاف ڪري ڇڏيا
ٺل: ڪوچ حادثي ۾ فوت ٿي ويل ڪوئيٽا واسي 4 ڄڻن جي وارثن پاران ڪوچ ۽ مزدا مالڪن کي خون معاف ڪري ڇڏيا، ان حوالي سان فوتين جي والد ۽ سندس چڱي مڙس علي محمد پٺاڻ ٻڌايو ته ڪوچ ۽ مزدا مالڪن جي اسان سان ڪابه ذاتي دشمني نه هئي، واقعو اتفاقي طور پيش آيو آهي، جنهن ڪري اسان ٻنهي گاڏين جي مالڪن کي خون معاف ڪيون ٿا، جيڪڏهن اهي اسان ڏانهن اچن ته اسان مان ڏينداسين ۽ نه اچن به اسان انهن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد ڪوچ مالڪ ٻڌايو ته علي محمد پٺاڻ جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان کي خون معاف ڪيو آهي.
|
مزدا ڊرائيور جي غلطي سبب افسوسناڪ واقعو پيش آيو: زخمي سعد الرحمان
ٺل:حادثي ۾ زخمي ٿيلن سعدالرحمان امان الله پٺاڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان ڪوئيٽا کان صادق آباد وڃي رهيا هئاسين ته ڪمند سان ڀريل مزدا جو ڪوچ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن بعد ڪوچ کائي ۾ ڪري پئي، پوءِ خبر ناهي ته ٿيا ٿيو، سندن چوڻ هو ته مزدا جي ڊرائيور جي غلطي سبب افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.