جيڪب آباد/ٺل (نمائندن وٽان) ٺل ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل، پوليس سهري کي گرفتار ڪري ورتو، ڪيس داخل نه ٿيو، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، خبر موجب ڳوٺ نوبت بنگلاڻي ۾ جوابدار مڙس محمد علي بنگلاڻي پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي زال عائشا بنگلاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش تعلقه اسپتال ٺل منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس ڪارروائي ڪري عورت جي سهري عرض بنگلاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هوڏانهن جيڪب آباد ۾ مقتول عورت جي وارثن لاش ڊي سي چوڪ تي رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مقتول عورت جي پيءُ مينگلو بنگلاڻي دانهيندي چيو ته سندس ڌيءَ کي مڙس محمد علي بنگلاڻي بيگناهه ڪارنهن تهمت مڙهي قتل ڪيو آهي، جوبدارن جو برادري سان زمين جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ هو، عائشا کي بيگناهه قتل ڪري ڪارنهن تهمت مڙهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.