ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نصير شاخ وٽان نامعلوم هٿياربندن هٿان شڪارپور جي سوئي گيس جي انجنيئر عبدالقيوم،ٽيڪنيشن زاهد ابڙو ۽ گارڊ اصغر نوناري اغوا ٿي ويا، اطلاع تي بي سيڪشن پوليس پهچي وئي ۽ هٿياربندن جي ناڪابندي ڪئي پر هٿياربند فرار ٿي ويا، پوليس موجب سوئي گيس جا عملدار سوئي گيس جي پائيپ لائين جي مرمت ڪرڻ لاءِ آيا هئا ته جتي هٿياربندن هٿيارن جي زور تي کين اغوا ڪري ويا، ايس ايچ او بي سيڪشن موجب اسان کي ٽنهي ڄڻن جي اغوا جو اطلاع مليو آهي، کين جلد بازياب ڪرايو ويندو.