ٺل(ن پ ا) ٺل ويجهو شادي دوران گهوٽ ۽ ڄاڃين پاران سنڌوءَ تي ڪئنال نامنظور جي نعريبازي، نماز بعد سنڌوءَ  جي لاءِ دعا گهري وئي،ڳوٺ محمد پنهل سومرو ۾ نڪاح تقريب دوران گهوٽ اشفاق علي سومرو ۽ ڄاڃين پاران سنڌوءَ دريا مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي گهوٽ اشفاق علي سومرو چيو ته اسان کي سنڌوءَ  تي ڪئنال  قبول ناهي، سنڌ بنجر بڻجي ويندي، پاڻي اسان جو جياپو آهي،هن مطالبو ڪيوته ڪئنال منصوبو رد ڪيو وڃي.