ٺل(ن پ ا)ٺل جو رهواسي نوجوان بلوچستان جي علائقي رکڻي ۾ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو. ان ڏس ۾ بلوچستان جي علائقي رکڻي ۾ ٿيل دهشتگردي حملي ۾ ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڀرچونڊي مدرسي محلي جو رهواسي نوجوان علي مراد پٽ شاهمراد ٻرڙو بم ڌماڪي سبب فوت ٿي ويو آهي، فوتي جي گهر اطلاع ملڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، نوجوان جو مڙهه سندس گهر آندو ويو ته سندس امڙ بيهوش ٿي وئي، فوتي جي اڄ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي.