ٺل(ن پ ا)ٺل ويجهو سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ چوڪ لاشاري مان اغوا ٿي ويل نوجوان فهد لاشاري کي پوليس ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي، مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن ٺل_ تنگواڻي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، جيئد لاشاري شربت لاشاري ۽ ٻين چيو ته ڏوهاري ٿاڻي آڏو نوجوان کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا پر پوليس انهن آڏو بيوس بڻيل رهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.